عبدالحق ڀُرٽ

عبدالحق ڀُرٽ

ڀرٽ عبدالحق

ڀرٽ، عبدالحق: عبدالحق عرف دوست محمد ولد احمد نواز ڀُرٽ، نوشهري فيروز ضلعي جو مشهور سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ آهي. هن ڀورٽي، تعلقي نوشهري فيروز (هاڻي ڪنڊياري) ۾ 16 سيپٽمبر 1948ع تي جنم ورتو. هي اڃا نَون مهينن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. سندس والد سخي مرد ۽ هارين جو همدرد هو، بٽئيءَ جي وقت سمورو اَن ضرورتمند هارين کي ڏئي ڇڏيندو هو يا پنهنجو حصو خيرات ڪري ڇڏيندو هو. عبدالحق جو والد ۽ چاچو تَر ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ سدائين ڪوشان رهيا. عبدالحق ڀُرٽ پرائمري تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ ڀورٽيءَ ۾ حاصل ڪئي، مئٽرڪ پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين. بي. اي ۽ ايل. ايل. بي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. هن 1979ع کان سياست ۾ پير رکيو ۽ يونين ڪائونسل پالهاڻي جو چيئرمئن چونڊيو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊيو. 2002ع ۾ پ. پ جي پليٽ فارم تان ايم. پي. اي چونڊيو ۽ 2008ع وارين چونڊن ۾ به نوشهروفيروز جي تڪ پي ايس 20 تان پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ کٽيائين. پهرين سنڌ حڪومت ۾ چوپائي مال جو وزير مقرر ٿيو ۽ هن وقت اينٽي ڪرپشن کاتي جو صوبائي وزير آهي. هي پنهنجي علائقي جو وڏو زميندار ۽ عوامي همدرد اڳواڻ آهي. هن 1993ع ۾ سنڌ سطح جي غريب نواز تنظيم قائم ڪئي، جنهن پاران شاگردن کي مفت ڪتاب، ڪپڙا، اسڪول وڃڻ لاءِ سائيڪلون ۽ امتيازي نمبر کڻندڙن کي اوارڊ ڏئي، سندن همت افزائي ڪئي ويندي آهي. هر عيد تي ڪيترن ئي غريب ماڻهن کي ڪپڙا ۽ راشن ڏنو ويندو آهي. غريب ۽ بيواهه عورتن کي سلائي مشينون ۽ معذورن کي وِيل چيئرون مهيا ڪيون وينديون آهن. عبدالحق ڀُرٽ هن وقت ٺارُو شاهه ۾ ’غريب نواز اسپتال‘ تعمير ڪرائي رهيو آهي. جنهن لاءِ هڪ جريب شهر جي زمين مفت ڏني اٿس. سندس ٻه فرزند علي شير ۽ احمد نواز ڀورٽي ۽ دليپوٽا يونين ڪائونسلن جا ناظم رهي چڪا آهن. عبدالحق ڀُرٽ جي مستقل رهائش ڀورٽي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ آهي. ضلعي جي مشهور سياستدان سيد ظفر علي شاهه سان سندس گهرا لاڳاپا آهن. ضلعي اندر سماجي، سياسي ۽ ادبي سرگرمين ۾ هميشه اڳڀرو رهندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.09.16  عيسوي

عبدالحق ڀُرٽ 16 سيپٽمبر 1948ع تي ڀورٽي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام اوٺو جاڙيجو سمو
خيرو اوٺوال
پير بي واسطو
انور ابڙو
ابن سينا
جتوئي علي نواز حاجن
حاجي امام الدين راشدي
پريل فقير پينار
بلو مؤمن
تلڪ بال گنگاڌر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون